Skip to main content

Posts

Showing posts with the label Fatima Bhutto

کابل سے دلہن تک کا سفر فاطمہ بھٹو

کابل سے دلہن تک کا سفر فاطمہ بھٹو آخر مير مرتضئ ڀٽو شھيد جي 41 سالن جي نياڻي فاطمہ ڀٽو پنهنجي آمريڪي نزاد دوست گراهم جنهن جو مسلم نالو جبران آھي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي پنهنجي زندگي جي نئين سفر جو آغاز ڪيو آھي ٖ مون زندگي ۾ پهريون دفعو فاطمہ ڀٽو کي 5 جنوري 1989ع تي المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي ۾ ڏٺو هو جڏھن هي ستن سالن جي هئي ۽ سندس پڦي بينظير ڀٽو صاحبہ ملڪ جي وزيراعظم بڻيل هئي ان ڏينهن ھن جي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڏينهن هو سندس پڦي بينظير ڀٽو اهو سالگره جو ڪيڪ پنهنجي ڀائٽي فاطمه ڀٽو کان ڪٽرايو هو ساڻس گڏ سندن ڏاڏي نصرت ڀٽو بہ بيٺل هئي ٖ انهن ڏينهن ۾ بلاول اڃا چئن مهينن جو هو ۽ کيس فلپائني نوڪرياڻي هنج تي کنيو بيٺي هئي ٖ فاطمہ ڀٽو جو پيءٗ مرتضئ ڀٽو انهن ڏينهن ۾ شام جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ جلاوطني جا ڏينهن گهاري رهيو هو ٖ مير مرتضئ ڀٽو جي زندگي المين ٖ دکن ٖ دردن سان ڀريل رهي آھي ٖ انهن ڏينهن ۾ فاطمہ ڀٽو جو پيءٗ مير مرتضئ ڀٽو پاڪستان سرڪار جو گهربل ترين شخص ھو ۽ سندس ڪو مستقل ٺڪاڻو نہ هو ڪڏھن ڪابل تہ وري ڪڏھن بيروت تہ وري ڪڏھن دمشق ۾ ھوندو هو ٖ ڪابل ۽ بيروت ٻئي شھر دنيا جا خطرناڪ ت...