کابل سے دلہن تک کا سفر فاطمہ بھٹو
آخر مير مرتضئ ڀٽو شھيد جي 41 سالن جي نياڻي فاطمہ ڀٽو پنهنجي آمريڪي نزاد دوست گراهم جنهن جو مسلم نالو جبران آھي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي پنهنجي زندگي جي نئين سفر جو آغاز ڪيو آھي ٖ مون زندگي ۾ پهريون دفعو فاطمہ ڀٽو کي 5 جنوري 1989ع تي المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي ۾ ڏٺو هو جڏھن هي ستن سالن جي هئي ۽ سندس پڦي بينظير ڀٽو صاحبہ ملڪ جي وزيراعظم بڻيل هئي ان ڏينهن ھن جي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگره جو ڏينهن هو سندس پڦي بينظير ڀٽو اهو سالگره جو ڪيڪ پنهنجي ڀائٽي فاطمه ڀٽو کان ڪٽرايو هو ساڻس گڏ سندن ڏاڏي نصرت ڀٽو بہ بيٺل هئي ٖ انهن ڏينهن ۾ بلاول اڃا چئن مهينن جو هو ۽ کيس فلپائني نوڪرياڻي هنج تي کنيو بيٺي هئي ٖ فاطمہ ڀٽو جو پيءٗ مرتضئ ڀٽو انهن ڏينهن ۾ شام جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ جلاوطني جا ڏينهن گهاري رهيو هو ٖ مير مرتضئ ڀٽو جي زندگي المين ٖ دکن ٖ دردن سان ڀريل رهي آھي ٖ انهن ڏينهن ۾ فاطمہ ڀٽو جو پيءٗ مير مرتضئ ڀٽو پاڪستان سرڪار جو گهربل ترين شخص ھو ۽ سندس ڪو مستقل ٺڪاڻو نہ هو ڪڏھن ڪابل تہ وري ڪڏھن بيروت تہ وري ڪڏھن دمشق ۾ ھوندو هو ٖ ڪابل ۽ بيروت ٻئي شھر دنيا جا خطرناڪ ترين شھر قرار ڏنل هئا جتي راڪيٽن ٖ بمن ۽ گولين جو مينهن معمول بڻيل هو اپريل 1979ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي بعد 1980ع ۾ مير مرتضئ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو لنڊن کان افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهتا ٖ
هي اهي ڏينهن هئا جڏھن افغانستان جي صدر داؤد جي قتل بعد روسي فوجن جي حمايت سان نور محمد تره ڪي افغانستان جو صدر هو ٖ مير مرتضئ ڀٽو جنرل ضياء جي سرڪار خلاف هٿياربند جدوجهد واسطي افغان سرڪار جي مدد سان پهرين پاڪستان لبريشن آرمي جو بنياد رکيو جيڪا مارچ 1981ع پي آ۽ اي جي جهاز جي ها۽ جيڪنگ واقعي بعد “ الذوالفقار “ جي نالي سان مشهور ٿي ٖ الذوالفقار جي ڇاپن مارن جنرل ضياء تي ڪافي ناڪام قاتلانہ حملا ڪيا جن ۾ 17 فيبروري 1981ع تي پوپ پال جي ڪراچي آمد جي موقعي تي خودڪش بم ڌماڪو ڪيو جنهن ۾ خيرپور واسي بمبار لالا اسلم مارجي ويو هو ان بعد 6 آڪٽوبر 1982ع تي جنرل ضياء جي سعودي عرب کان واپسي تي سيٽلائيٽ ٽاؤن راولپنڊي جي گهر مان جنرل ضياء جي جهاز تي لينڊنگ وقت ميزائل فائر ڪيو ويو جنهن ۾ ھو ذري گهٽ بچي ويو هو ٖ ڪابل ۾ مرتضئ ڀٽو جي رهائش وزير اڪبر خان روڊ تي هئي ڪابل جي انھيءَ وزير اڪبر خان روڊ تي مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاھنواز ڀٽو شام جو واڪ ڪندا ھئا. جتي سندن پاڙي ۾ رھندڙ فوزيہ پڻ شام جو اتي واڪ ڪندي ھئي اتي فوزيہ جي مير مرتضيٰ سان عليڪ سليڪ وڌندي وئي ۽ نيٺ اھا عليڪ سليڪ مرتضيٰ سان شاديءَ ۾ بدلجي وئي. فوزيہ جي والد فصيح جو تعلق افغان وزارت خارجہ سان هو پر خفيہ طور سندس رابطہ افغان ويڙھاڪن ۽ سي آ۽ اي سان هئا ٖ اهڙي طرح مرتضئ جو اڪثر وقت فوزيہ جي گھر ۾ ان جي خاندان وارن سان گذرڻ لڳو انھيءَ دوران وري مرتضيٰ جي ننڍي ڀاءُ شاھنواز جو واسطو فوزيہ جي ننڍي ڀيڻ ريحانا سان ٿي ويو. ريحانا، تنھن وقت ۾ روس جي خلاف وڙھندڙ افغان مجاھدين جي وڏي حمايتي ھئي ۽ شاھنواز وري ھڪ ڪميونسٽ ملڪ جو مھمان ھو. ھو ٻئي ان تي چرچن ڀوڳن ۾ وڙھندا رھندا بہ ھئا. جيتوڻيڪ ٻنھي ڀائرن جون شاديون چند ڏينھن جي وقفي سان ٿيون ھيون. پر ٻنھي جي شاديءَ جي وليمي واري دعوت واري تقريب گڏيل ٿي ھئي. جنھن ۾ مير مرتضيٰ ۽ مير شاھنواز فلسطيني گوريلن وارا يونيفارم پاتا ھئا مير جي يونيفارم جو رنگ ڳاڙھو ۽ شاھنواز ڪاري رنگ واري يونيفارم پاتي هئي. جڏھن ٻنهي ڀٽو ڀائرن جو هڪ دوست سھيل سيٺي ان شاديءَ واري تقريب جو دعوت نامون کڻي ان وقت جي افغان انٽيليجنس سربراه ڊاڪٽر نجيب الله جيڪو پوءِ افغانستان جو صدر بہ بڻيو وٽ ويو تہ ھن ان جي اڳيان ھڪ ڳجھو فائيل سامھون رکيو ۽ چيو تہ ھنن ڀائرن مونکي پھرين ڇو نہ ٻڌايو تہ ھو ٻئي ڀائر جن ٻن ڀينرن سان شاديون ڪري رھيا آھن انهن جي پيءُ ۽ فيملي جا افغان مجاھدين سا ويجھا لاڳاپا آهن. ھنن جو پيءُ فارين سروسز ۾ ملازم آھي ۽ خصوصن جنرل ضياءَ جي (آئي ايس آئي) جي ذريعي افغان مجاهدين کي ھٿيار فراهم ڪرڻ سميت ٻي مدد پڻ ڪندو آھي، جيڪي آمريڪن سي آئي جي معرفت کين ڏنا ويندا آھن اسان جي افغان خفيہ ايجنسي “ خاد “ سندن جي سرگرمين کي مانيٽر ڪري رهي آھي پر ڊاڪٽر نجيب جا اهڙا انڪشاف ۽ خدشا ٻنھي ڀائرن جي پيار منجهان پرڻيَ ۾ ڪا رڪاوٽ بڻجي نہ سگھيا. جنهن سان ڊاڪٽر نجيب کي وڏي مايوسي ۽ نااميدي ٿي ۽ ايئن ھو ٻئي ڀائر انھيءَ ان وقت جي مجاھدين ۽ اڄ جي طالبان جي حامي خاندان جا ناٺي بڻجي ويا. فاطمه ڀٽو جي پيدائش 29 مئي 1982ع تي شام جو 3:45 منٽن تي ڪابل جي ھڪ فوجي اسپتال ۾ ٿي. ان وقت ڪابل ۾ ڪرفيو ھو جتي فاطمه جي ماءُ فوزيہ کي سخت پھري ۾ اسپتال ۾ آندو ويو، تڏهن اھو به خطرو ھيو ته ڪٿي مجاھدين ان اسپتال کي ٽارگيٽ نه بنائين ۽ ان حملي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي باغي پٽن کي ختم نہ ڪيو وڃي. ان لاءِ ڊاڪٽر نجيب طرفان اسپتال ۾ خصوصي حفاظتي انتظام ڪيا ويا ھيا. ايستائين جو ڊاڪٽر نجيب ۽ سندس زال به اسپتال ۾ پھچي ويا هئا ۽ ان وقت مرتضيٰ ڀٽو، فلسطيني يونيفارم ۾ اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ٻاھران ٻار جي ڄمڻ جو انتظار ڪري رھيو ھو. جڏھن فوزيہ کي ڌيءٗ جو جنم ٿيو تہ مرتضيٰ پنهنجي نومولود نياڻي جو نالو فاطمه رکيو اهڙي طرح شاهنواز کي جڏھن ريحانہ مان نياڻي پيدا ٿي تہ ان وري پنهنجي نياڻي جو نالو لطيف سائين جي هڪ سورمي سسئي جي نالي پٺيان ”سسئي“ رکيو ٖ فاطمه جي عمر اڃا ٽي سال مس هئي تہ سندس زندگي جا الميه شروع ٿيا فرانس جي شھر “ ڪانز “ ۾ ڪافي سالن بعد جولا۽ 1985ع سمورو ڀٽو خاندان گڏ ٿيو هو پر کين اهي خوشيون ڀانء نہ پيون سندس پيءٗ مرتضيٰ ۽ سندس چاچو شاھنواز شام مان اچي شريڪ ٿيا ھئا. سندس پڦيون بينظير ڀٽو ۽ صنم ڀٽو لنڊن مان اچي شريڪ ٿيون ھيون، سندن ماءٗ فوزيہ جنيوا مان آئي ھئي. سڀني پنھنجي ٻالڪپڻ جون يادون ۽ شرارتون ھڪٻئي سان شيئر ڪيون. فاطمه ۽ سسئي ان وقت بالڪل ننڍڙيون ھيون جيڪي پنھنجي پيءُ ۽ چاچي جي ٽنگن کي پڪڙي خوش ٿي رھيون ھيون. اھا خوشيءَ واري شام ريحانا ۽ شاھنواز جي معمولي اختلافن تي ختم ٿي وئي، ايستائين جو مرتضئ جيڪو پنھنجي ڀاءُ شاھنواز کي تمام گھڻو پيار ڪندو ھو. ان طرفان معمولي مداخلت ڪرڻ تي ريحانہ کيس خاموش رھڻ جو چيو ۽ پو۽ ريحانہ پنهنجي فليٽ تان مرتضئ ۽ بينظيرکي بہ ڪڍي ڇڏيو. پو۽ ھو سڀئي گڏجي بيگم نصرت ڀٽو جي فليٽ تي آيا . اهو 18 جولا۽ 1985ع جو ڏينهن هو جڏھن صبح جو سوير فليٽ جو بيل وڳو، مرتضئ ٻاھر ويو تہ ريحانا ٻاھر بيٺي ھئي ھن کيس ٻڌايو ته شاھنواز کي نه ڄاڻ ڇا ٿي ويو آھي. سڀئي سندس فليٽ تي آيا ڏٺائون تہ شاهنواز جو لاش صوفي ۽ ڪافيءَ واري ٽيبل جي وچ ۾ ڪريو پيو ھو. سندس قميص لٿل ھئي، بدن تي بلو رنگ جا نشان ھئا.
مير مرتضئ پنھنجي امڙ بيگم نصرت ڀٽو کي چيو ”امان گوگي ھليو ويو“ ۽ پوءِ فرانس جي تحقيق ڪندڙ پوليس پنھنجي رپورٽ ۾ چيو ته شاھنواز جو موت زھريلا ڪيپسول واپرائڻ جي ڪري ٿيو آهي. سندس آنڊي، بدن ۽ ٻين حصن ۾ زھر ڦھليل ھو. شاھنواز جي پراسرار موت کان پو۽ کانپوءِ فاطمه جي پيءٗ ۽ ماءٗ درميان اختلاف وڌي ويا. سندن جو ھڪٻئي سان گڏ رھڻ ناممڪن ٿي پيو ۽ ان وقت فاطمه جي عمر صرف 3 سال ھئي. فاطمه جي پيءٗ ماءٗ درميان عليحدگي ٿي وئي ٖ ٽن سالن جي فاطمه کي سندس پيءٗٗ مرتضئ پاڻ سان کڻي بيروت پهتو بيروت کان دمشق اچي رهيا ٽن سالن جي فاطمه کي سندس پيءُ ما ءُ جيان پاليو ٖ هو فاطمه کي پنھنجي ھٿن سان وھنجاريندو ھو، سندس وار ڪٽي سنواريندو ھو، فاطمه کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ ڪھاڻيون ۽ ٿڌڙا ڪڍي سمھاريندو ھو. فاطمه کي مردن جهڙا بوٽ پارائيندو ھو. فاطمه صفا ڇوڪرو لڳندي ھئي ٖ هڪ ڏينهن دمشق جي هڪ هوٽل جي لفٽ ۾ مرتضئ سان هڪ دوشيزه ملي مرتضئ جي پڇڻ تي هن خاتون ٻڌايو تہ سندس نالو غنوئ آھي هو بنيادي طور ٽيچر آھي ٖ مرتضئ ساڻس پنهنجي ڌيءٗ فاطمه کي پڙھائڻ لا۽ چيو غنوائ جي پيءٗ جو نالو عبود عبادي هو عبود عبادي فرانس ۽ برطانيہ خلاف آزادي جي ويڙھہ وڙھيو هو فاطمه جي پڙھائي مرتضئ ۽ غنوائ جي شادي جو سبب بڻي آخر مرتضئ ۽ غنوئ 1989ع ۾ شادي ڪري ڇڏي فاطمه غنوئ سان مانوس ٿي چڪي هئي پر ھو پاڻ کي اڪيلو سمجهندي هئي ٖ مرتضئ کي غنواي مان پٽ جو اولاد ٿيو ذوالفقار جونيئر جي پئدائش بعد فاطمه کي ڀاءٗ ملي ويو ٖ 1993ع ۾ فاطمه جو پيءٗ مرتضئ جلاوطني ختم ڪري واپس وطن آيو ٖ فاطمه جي پڦي بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم هئي ٖ سيپٽمبر 1996ع وارو مهينو فاطمه جي زندگي لا۽ درد کڻي آيو 19 سيپٽمبر تي مير مرتضئ جي سالگره جو ڏينهن هو ٖ مير مرتضئ سالگره وارو ڏينهن پنهنجن ٻچن سان گذاريو هنن ڪيڪ ڪٽيو ۽ رات جي ماني سڄي فيملي سميت هوٽل تي کاڌي فاطمه کي ڪهڙي خبر تہ هي سالگره سندس موڀي ابي جي آخري سالگره هوندي 20 سيپٽمبر جو ڏينهن فاطمه جي زندگي جو اڀاڳو ڏينهن ٿي اڀريو شام جو جڏهن مير مرتضئ سورجاني ٽاؤن لا۽ نڪتو تہ پنهنجي شريڪ حيات غنواي کي چئي نڪتو تہ اوهان رات جي ماني گهر ۾ ٺاهجو واپس اچي ماني سڀ گڏجي کائيندا سين ٖ سج لهي چڪو هو اونداهي ٿي چڪي هئي غنواي بورچي خاني ۾ ھئي فاطمه گهر جي بالڪوني تي ڪتاب پئي پڙھيو ۽ ذوالفقار جونيئر ڀيڻ جي ڀرسان کيڏي رهيو هو تہ ايتري ۾ فاطمه کي پنهنجي اسڪول جي هڪ سهيلي جو فون آيو هو پڪنڪ بابت فاطمه سان ڳالهائي رهي هئي تہ ايتري ۾ سندن گهر ستر ڪلفٽن ٻاهران شديد فائرنگ شروع ٿي وئي ٖ گولين جو مينهن وسي رهيو هو گوليون ذوالفقار علي ڀٽي جي گهر ستر ڪلفٽن جي بالڪوني ڀرسان پئي گذريون فاطمه پنهنجي ننڍي ڀاءٗ ذوالفقار جونيئر کي پنهنجي سيني سان لڳائي ڇڏيو ڪچن ۾ بيٺل غنواي گهر جي چوڪيدارن کي چيو ڏسو ٻاهر ڇا ٿي رهيو آھي گهر جي چوڪيدارن کي پوليس اهو چئي بنگلي کان ٻاهر نڪرڻ نہ ڏنو تہ ڌاڙيلن سان مقابلو پيو هلي ڪو بہ گهر کان ٻاهر نہ نڪري فاطمه کي ڳڻتي ورائي وئي ڇو تہ ڪجهہ ڏينهن کان سندس پيءٗ مرتضئ ۽ سرڪار درميان تعلقات ڪشيده ٿي چڪا هئا ٖ فاطمه فورن هاٽ لائين ٽيليفون تي پنهنجي پڦي بينظیر ڀٽو جنهن کي هو “ وڏي “ چوندي هئي رابطو قائم ڪيو ٖ وزيراعظم جي اي ڊي سي ٽيليفون اٽينڊ ڪيو فاطمه کيس ٻڌايو تہ مان فاطمه ٿي ڳالهايان مون کي “ بوا وڏي “ سان ڳالهائڻو آھي ٖ اي ڊي سي فورن چيو اوهان جي گهر ڏي خير آھي ايئن چئي هن فون رکي ڇڏي پر فاطمه جي ڳڻتي وڌي وئي ڇو تہ هن پنهنجي پڦي بينظير ڀٽو جي روئڻ جو آواز ٻڌي ورتو هو فاطمه جي تشويش وڌي وئي هن ٻيهر وزيراعظم هاؤس فون ملايو ٻئي طرف سندس پڦڙ آصف علي زرداري لائين تي هو فاطمه کيس چيو مون کي “ بوا وڏي “ سان ڳالهائڻو آھي جنهن کيس چيو تہ هو نہ ڳالهائي سگهندي ٖ فاطمه پنهنجي پڦڙ آصف علي زرداري کي بار بار چوندي رهي تہ مون کي صرف “ بوا وڏي “ سان ئي ڳالهاڻو آ تنهن تي آخر آصف علي زرداري فاطمه کي چيو ” تنھنجو پيءُ مارجي چڪو آھي.“ ايئن چئي آصف علي زرداري فون بند ڪري ڇڏي اها خبر ٻڌندي ئي فاطمه جي هٿ مان فون جو رسيور ڪري پيو ايئن ان ڏينهن فاطمه يتيم بڻجي وئي هن پيءٗ جي شھادت بعد ڀٽو خاندان جي روايتي سياست جي دعويدار بڻجڻ بجا۽ هن علم ٖ ادب جي راه ورتي ٖ فاطمه ڀٽو اڄ ڪلهہ عالمي سطح تي ٿيندڙ عالمي ادبي ڪانفرنسن ۾ وڃي ٿي سندس ڪئين ڪتاب ٖ مضمون ٖ آرٽيڪل دنيا جي مشھور اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجن ٿاٖ فاطمه اڄ بہ پنھنجي پيءُ جون ساروڻيون ياد ڪري ٿي ته ڪيئن سندس بابا جڏھن ملڪ کان ٻاھر جلاوطن ھو ته به پنھنجي گھر ۽ سنڌ کي ياد ڪندو ھو ۽ ھو جمالو وارو سنڌي لوڪ گيت ترنم ۾ ڳائيندو ھو. ھو سنڌ جو روايتي اجرڪ استعمال ڪندو ھو. شڪارپور جو آچار کائيندو ھو. جيڪو ھن کي شڪارپور مان سوکڙي ٿي ايندو ھو. فاطمہ ڀٽو آخر 28 اپريل 2023ع تي 41 سالن جي عمر ۾ پنهنجي آمريڪي دوست گراهم جنهن جو جو اسلامي نالو “ جبران “ رکيو ويو آھي سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي ٖ فاطمہ ڀٽو جي شادي بعد پ پ شهيد ڀٽو جي ان ڌڙي ۾ مايوسي وڌندي جن غنوئ ڀٽو جي پاليسين سان اختلاف ڪندي پاڻ کي فاطمہ ڀٽو سان ان اميد تي وابستہ پئي رکيو تہ فاطمہ ڀٽو سياست ۾ حصو وٺندي ۽ ھو فاطمہ ڀٽو جي قيادت ۾ سياست ڪندا ٖ فاطمہ ڀٽو ۽ غنوئ ڀٽو درميان اختلافن جو خبرون تہ پهرين ئي گردش ۾ هيون پر مير مرتضئ ڀٽو جي 20 سيپٽمبر 1996ع تي شهادت بعد 27 سالن جي طويل عرصي بعد 70 ڪلفٽن واري گهر ۾ ڪا خوشي جي تقريب فاطمہ ڀٽو جي شادي جي صورت ۾ منعقد ٿي آھي ان تقريب جي جاري ٿيل تصويرن ۾ غنوئ ڀٽو جي غير موجودگي ڪافي سواليہ نشان اٿاري ڇڏيا آھن ٖ ڪافي سياسي حلقا فاطمہ ڀٽو جي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ سان رئيس آصف علي زرداري جي لا۽ مشڪلات سان جوڙيندا هئا پر هاڻي فاطمہ ڀٽو جي شادي بعد آصف زرداري لا۽ اهو مٿي جو سور بہ گهٽجي ويندو ٖ هن موقعي تي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر کي بہ مبارڪون هجن جنهن هڪ ئي وقت ڀاءُ ۽ پيءُ وارو ڪردار ادا ڪندي پنهنجي وڏي ڀيڻ جي شادي ڪرائي کيس اباڻي گهر مان ۾ ڪنوار بڻائي رخصت ڪيو بحرحال فاطمہ ڀٽو جي شادي تي کيس مبارڪون هجن مولا کيس زندگي ۾ خوشيون نصيب ڪري
ڪاپي ذولفقار قادري وال تان
Comments
Post a Comment
Thanks for Comments.We will contact soon.