Skip to main content

"بدڪردار ماڻھونء جي آخري پناه گاه مّذھب ھوندو آھي ,"مجید منگی

 بدڪردار ماڻھونء جي آخري پناه گاه مّذھب ھوندو آھي ,"مجید منگی 

MAJEED MANGI SAHIB


لبنان جي ڏاھي ۽ انساني ڏکن کي پنھنجو ڏک سمجھي تشريح ڪندڙ جبران خليل جبران  جي چيل خوبصورت جملي ,
 "بدڪردار ماڻھونء جي آخري پناه گاه مّذھب ھوندو آھي ,"
کي پڙھندي منھنجي اڲيان ڊڪٽيٽر ضيا , شھيد ڀٽي خلاف آمريڪي ڊالرن جي حٻڇ تي مدرسي جي کٿاڀين زريعي ھلايل تحريڪ , آمريڪي ايجنٽي زريعي طالبان پيدا ڪري پاڪستان ,افغانستان سميت  پوري دنيا جي پرامن انسانن تي بابري جھالت مڙھيندڙن , تازو لاھور ۽ سيوھڻ جي مدرسي ۾ ٻارڙن کي ظلم جو نشانو بڻائي سندس اڲٺ سان گھٽا ڏئي قتل ڪندڙ ۽ پرامن مّھذب اسلام کي بدنام ڪندڙ جاھل مولوين جو وحشي چھرو سامھون اچي ويندو آھي .
جبران جيڪڏھن اڄ جي سنڌ ۾ پيدا ٿي ھان ته اڲ چيل جملي کي وسعت ڏئي چوي ھان ته ,
"بدڪردار حاڪمن ۽ چور  ڪامورن جي مستقل پناگاه مذھب ھوندو آھي ,"
ھي عظيم ايڌي جو پورٽريٽ بلوچستان جي حڪومت  ڪوئٽا ۾ نصب ڪرايو آھي , ايڌي ڪنھن خاص نسل ,قوم ,وطن ۽ مذھب جي زنجيرن ۾ قيد ٿيل غلام انسان  ڪونه ھيو  پر فطرت ۾ پرواز ڪندڙ ھڪ ڪائناتي انسان ھيو , ان ڪري بلوچستان سميت پوري ملڪ جو حق آھي ته ھن عظيم انسان جو پورٽريٽ پنھنجن چوراھن تي نصب ڪري ايندڙ ويندڙ انسانن کي يادگيري ڏيارين تي ھن مختصر دنيا ۾ به تاحيات زنده رھجي سگھجي ٿو ,
پرسڀ کان پھريون حق  سندس گھر واري صوبي سنڌ جو ھيو ته گھٽ ۾ گھٽ  سندس پورٽريٽ سنڌ جي وڏن شھرن جي چوراھن تي ھڻي پنھنجو فرض ۽ سندس مان مٿانھون ڪن ھان , دراصل سنڌ جي حڪمرانن کي ايڌي جھڙن انسانن بجاء بي ضمير وطن فروشن ۽ سنڌي عوام جو رت چوسيندڙ ئي وڌيڪ عزيز آھن , جتان سندن عياشين جا دروازا کليل رھن ٿا ,
پوري دنيا ۾ عظيم انسانن جا پورٽريٽ لڲائي مھذب پڻي ۽ شعوري حڪمران ھجڻ جو ثبوت ڏنو وڃي ٿو اسان جي سنڌ جي چور حڪمرانن وري  شھيد ڀٽي ۽ بينظير  جي قاتل ضيا ۽ طالبان ڪلچر کي زنده رکندي 5 لک روپين جو مذھبي پورٽريٽ 15 لک ڏيکاري سنڌ جي ڲوٺن ۽ شھرن ۾ ھنيو آھي ,جنھنجي پھرين ئي ھفتي ۾ شاٽ سرڪٽ سبب بجلي غائب ۽ سفيد ھجڻ سبب مٽي ۽ ڌوڙ جي تھن چڙھڻ سبب خدا جي 99 نالن جي عزت نه پر توھين ٿي محسوس ٿئي , ٽنڊي ڄام ٽول پلازه اڲيان ٿيٻا اسٽاپ وٽ گند جي ڍير جي وچ تي , قمبر جي ڀٽي چوڪ ۽ قاسم آباد ۾ ڏسي سگھو ٿا ,
حيدرآباد جي پراڻي ون يونٽ ۽ ھاڻي جي شھباز بلڊنگ جيڪا سنڌ جي سڀ کان موسٽ ڪرپٽ ادارن جو مرڪز آھي ان جي ڀتين تي خوبصورت رنگ سان خدا جي ھر نالي کي اردو جي غلط ترجمي سميت لکي چور ڪامورن پاڻ کي شيلٽر ڏنو آھي , خدا جي ھڪ نالي جو ترجمو لکيو اٿن "ذلیل کرنے والا "
 رحمان رحيم کي ھن نالي سان پڪارڻ ڪيئن ٿو لڲي , ذليل لفظ نيگيٽوٽي ۾ اچي ٿو سزا ڏيندڙ به ڪنھن کي ذليل نٿو ڪري سگھي . 
رياست ۾ رھندڙ سمورن انسانن جو حق آھي ته ٻين جي احساسن جو خيال ڪندي  پنھنجي عقيدي يا مذھب مطابق زندگي گذارين ۽ رياست جو فرض آھي ته رھندڙ سمورن انسانن جي مذھبن جو خيال ڪندي پاڻ کي آزاد رکي ,
ڀٽي شھيد لاڙڪاڻي ۾ سوئيڪارنو , نڪسن ڪمال اتاترڪ  سميت  ڪراچي ۾ ٽن  تلوارن ۽ ٻن تلوارن جي نالن سان خوبصورت چوڪ ٺاھيا ,
چور سنڌ حڪومت کي گذارش آھي , سنڌ جي شھرن ۽ چوڪن تي جنم ڀومي مطابق , حيدربخش جتو ئي , جي ايم سيد ,رسول بخش پليجي. استاد بخاري ,شيخ اياز , سوڀو گيانچنداڻي , فاضل راھو , محمد ابراھيم جويو ,  ايڌي , اديب رضوي , شھيد ڀٽي بينظير جا مجسما ۽ انھن جي خوبصورت چوڻين سان پورٽريٽ ۽  چوڪ ٺاھين , جيئن پنھنجي قوم مستقبل جي اعلي ۽ باشعور قوم ۾ رڱجي وڃي .


Comments

Popular posts from this blog

SBP New Currency Notes For EID in Pakistan 2023

SBP New Currency Notes For EID In Pakistan 2023 Registration For New Currency Notes For EID State Bank will not issue new notes on Eid But according to reliable sources state bank is starting new registration system for getting New Fresh currency in future.In this regard you are requested to get yourself registered through our website for getting latest information. کمینٹ میں نیچے دی گئی معلومات درج کریں۔اگلے 24 گھنٹوں میں آپ کو نزدیکی بینک سے 2 پیکٹ 10 والے نوٹ ایک 50 والا پیکٹ اور ایک 100 والا پیکٹ حاصل کرنے کے ایک کوڈ موصل  ہوگا ۔بینک میں کوڈ دیکر آپ مطلوبہ نوٹس *** حاصل سکتے ہیں  1.Name 2.NIC No 3.Mobile Number 4.City Name ***Subject to availability of Fresh New Currency Notes in your nearest Bank.

پاکستانی عوام کو بجلی کا ایک یونٹ 5 ہزار روپئے میں بیچا جا رہا ہے

بجلی بلوں میں پروٹیکٹ اور نان پروٹیکٹ کیٹگری کا فرق  بجلی کے بلوں میں پروٹیکٹ اور نان پروٹیکٹ کیٹگری کا فرق سمجھیں  اس سسٹم سے بجلی صارفین کو بجلی کا ایک یونٹ 5 ہزار روپئے میں بیچا جا رہا ہے  ۔یہ دو بل غور سے دیکھیں ۔۔ اس سے آپ کو واضح پتا چل جاۓ گا جے آپ کو بجلی کا ایک یونٹ 5 ہزار کا بیچا جا رہا ہے جو کے آپ کو اگلے 6 ماہ تک مزید تیس ھزار اضافی بل دینے پر مجبور کر دے گا ۔ BILL NO 1  UNIT USE 200 HUNDRED  Bill= 3083 BILL NO 2 UNIT USE 201 Bill 8154 200 Units Bill 3083 201 Units Bill 8154 فرق        5071 مطلب ایک یونٹ زیادہ یوز کرنے کی صورت میں آپ کا بل 5071 روپے زیادہ آسکتا ہے یہ اس غریب عوام کے زیادتی ہے ۔ ہے کوئی جو اسکا نوٹس لے مزید یہ کے یہ ریٹ آپ کو اگلے 6 ماہ تک مسلسل بھرنا ہوگا مطلب ایک یونٹ آپ کو 30000 ہزار کا پڑتا ہے پروٹیکٹ کیٹگری اگر آپ کا بجلی کا یوز مسلسل 6 ماہ تک 200 یونٹس سے کم ہے تو آپ پروٹیکٹ کیٹگری میں ہیں ۔ پروٹیکٹ کیٹگری دو قسم کی ہے ایک وہ جن کا بجلی کا یوز 6 ماہ تک 1 سے 100 یونٹ تک ہے انکو دو ریٹ چارج کئے جاتے ہیں اس کیٹگ...

STS IBA RECRUITMENT NOTES FOR BPS-05 TO BPS-15

STS IBA RECRUITMENT NOTES  FOR BPS-05 TO BPS-15  Services,General Administration and Coordination Department Sindh  recently announced screen test for Jobs in Sindh and invited applications from candidates to apply for screen test in three categories jobs in BPS-05 TO BPS -15 . We are providing preparation material and notes in Pdf  format so that candidates who will apply for jobs in future can prepare for test and interview. According to New Syllabus notes are prepared in following subjects including MCQs in:   1.GENERAL SCIENCE 2.PAKISTAN STUDIES 3.CURRENT AFFAIRS 4.COMPUTER 5.ENGLISH 6.GENERAL KNOWLEDGE 7.ISLAMIC STUDIES 8.MATHEMATICS 9.PAST PAPERS MCQs سنڌ ۾ اعلانيل 50هزار نوڪرين لاء 11لک، 54هزار، 400 درخواستون پهچي ويون، آء بي اي سکر جي ٽيسٽ واري اداري وٽ 5کان 15گريڊ جي نوڪرين لاء درخواستون پهتيون، جنهن ۾ مئٽرڪ پاس 4لک 30هزار اميدوارن ۽ انٽر پاس 4لک 50هزار ، گريجوئيٽ 2لک 74هزار 400 اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون، درخواستن جي اسڪروٽني جو عمل شروع ٽيسٽ جي تار...